جيوڻ شاهه جو مقام

جيوڻ شاهه جو مقام: هيءُ ڪلهوڙا دور جو قديمي قبرستان، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خانواهڻ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي ۽ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن مقام ۾ ڪيترائي مقبرا ۽ قبرون آهن، جن جي اڏاوت شاندار ۽ قديمي اڏاوتن جو ڏيک ڏئي ٿي. هن مقام ۾ ٻلهڙي جو مقبرو، ڌامراهه جو مقبرو ۽ ميرڻ شاه جو مقبرو به موجود آهي. ميرڻ شاهه لاءِ عام روايت آهي ته هيءُ دين محمد ڪلهوڙي جو خاص ماڻهو هو. [حوالو: قديم آثارن جي ڊائريڪٽري].


هن صفحي کي شيئر ڪريو